رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب گذريل ڏينهن کان افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ پنهنجو سفارتي مشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
سعودي سفارتخاني جو چوڻ آهي ته مشن ٻيهر شروع ڪرڻ جو مقصد افغان شهرين کي خدمتون فراهم ڪرڻ آهي.
هڪ بيان ۾ سفارتي مشن چيو ته اهو قدم سعودي عرب جي ڀائرائڻ لاڳاپن ۽ ٻطرفي سهڪار جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن کي ٻنهي ملڪن جي عوام وچ هٿي ڏني ويندي.
واضع رهي ته آگسٽ 2021 ۾ افغان جمهوري حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ڪيترن ئي پرڏيهي سفارتخانن ڪابل ۾ پنهنجون سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون هيون.
سعودي عرب سفارتخاني جي عملي به 5 فيبروري 2023 تي سيڪيورٽي خدشن سبب ڪابل ڇڏي ملڪ واپس روانو ٿي ويو هو.
You might also like