”ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ واري واعدي تان ڦري ويندو “

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي قومي سلامتي بابت صلاحڪار جيڪ سليوان چيو آهي ته بائيڊن انتظاميا کي خدشو آهي ته ايران ايٽمي هٿيار ٺاهي سگھي ٿو.
واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته صدر بشار الاسد جي زوال سان ايران جي علائقائي اثر کي ڌچڪو رسيو آهي.
هن چيو ته ايران چوي ٿو ته سندن ايٽمي پروگرام پُر امن آهي، ايران يورينيم جي افزودگي وڌائي آهي، خدشو آهي ته ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ واري واعدي تان ڦري ويندو.
هن چيو ته اسرائيل جي ايراني ٿاڪن کي نشانو بڻائڻ سان ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي صلاحيت گھٽ ٿي، ايران جي ڪمزور پوزيشن ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ تهران سان سفارتڪاري ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.