اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائڻ جو مطالبو منظور ڪري ورتو آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته حڪومت ڪميٽي سان اِها سندن ابتدائي ملاقات هئي، هاڻي باقاعده ڳالهيون 2 جنوري تي ٿينديون.
اڳوڻي اسپيڪر جو چوڻ هو ته حڪومت سندن پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرائڻ وارو مطالبو منظور ڪري ورتو آهي جڏهن ته هنن پي ٽي آءِ باني جي آزادي ۽ سينيئر ججن تي ٻڌل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
واضح رهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين ڳالهيون جاري رکڻ ۽ ايندڙ اجلاس ٻه جنوري تي سڏائڻ تي اتفاق ڪيو.
You might also like