اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن طرفان ڳالهين لاءِ ڪميٽين جي جوڙجڪ سٺو سنئوڻ آهي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ حڪومتي ۽ مخالف ڌر مذاڪراتي ڪميٽين وچ ۾ پهريون ان ڪئمرا اجلاس ٿيو.
اجلاس کي خطاب دوران اسپيڪر اياز صادق چيو ته مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ بابت وزيراعظم جو قدم سٺو سنئوڻ آهي.
هن چيو ته حڪومت نيڪ نيتي سان اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي، ڳالهين ذريعي ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جو گڏجڻ جهموريت کي مضبوط بڻائيندو، جهموريت ۾ ڳالهيون ئي سياسي مسئلن جو واحد حل آهن، عوامي نمائندي طور اسان کي عوامي مسئلن جو حل ڳولڻو آهي.