فيڪ نيوز وارو لاڙو ڊجيٽل ميڊيا تان ختم ٿيڻ شروع ٿيندو:نفيسه هودڀائي

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ "ڊجيٽل ميڊيا: حقيقت جو ٻيو رخ” جي عنوان هيٺ ويهڪ ٿي، جنهن جو ماڊريٽر اشفاق لغاري هو. ان موقعي تي نامياري صحافي نفيسه هودڀائي پنهنجي ڊجيٽل ميڊيا پليٽ فارم بابت ڳالهائيندي چيو ته مون جي بي ڪنيڪٽس نالي سان هڪ ڊجيٽل ميڊيا پليٽ فارم قائم ڪيو آهي. جنهن جو مقصد سنڌ سميت ٻين علائقن جي بي پهچ ماڻهن جو نئين انداز ۾ آواز دنيا تائين پهچائڻ آهي. هي پليٽ فارم مون پنهنجي مڙس شهيد جاويد ڀٽو جي نالي سان جوڙيو آهي. هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا شروعاتي مرحلن مان گذري پيو. پر اڳتي هلي ڊجيٽل ميڊيا پليٽ فارم پاڻ ادارن جي شڪل اختيار ڪري وٺندا. بهتري ايندي ۽ تبديليون اينديون. جنهن کانپوءِ گهڻا لائيڪ ۽ ويوز وٺڻ وارا به نه رهندا. فيڪ نيوز وارو رجحان ڊجيٽل ميڊيا تان ختم ٿيڻ شروع ٿيندو. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ نامياري صحافي خالد کوکر چيو ته 2014ع ۾ مون پنهنجي ڊجيٽل ميڊيا پليٽ فارم جي شروعات ڪئي. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ دوستن به صلاح ڏني ته ڊجيٽل ميڊيا جو پليٽ فارم جوڙجي، ان ڪري مون سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولي ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي پليٽ فارم جي شروعات ڪئي. هن چيو ته پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ڪنٽرول هيٺ آهي ۽ بندشن جو شڪار آهي. هاڻ ڊجيٽل ميڊيا کي به ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڊجيٽل ميڊيا جي اچڻ کانپوءِ ڪيترائي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان لاڳاپيل صحافي بيروزگار ٿي رهيا آهن، هاڻ ائين ئي پيو ٿئي جيئن ڪمپيوٽر اچڻ کانپوءِ ڪمپازيٽر بيروزگار ٿي ويا هئا. هن چيو ته حڪومت پاران پيڪا جي قانون ۾ وري ترميم ڪري قانون کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي. ٽي وي چئنلن کي نالا ڏنا ويا آهن ته ڪهڙا ماڻهو اچي ٽي وي تي تبصرا ڪندا. پارا چنار ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان بابت ڪيترن ئي ڏينهن تائين ميڊيا تي ڪا خبر نه پئي هلي. اها روايتي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صورتحال آهي. صحافي طاهر مهدي چيو ته ڊجيٽل ميڊيا ڪيئن پئي هلي اها ڊجيٽل ميڊيا وارن کي به خبر ناهي. ڊجيٽل ميڊيا تي ڪا به شي رڪجي نه پئي ۽ شيون هلنديون پيون وڃن. شيون انفارميشن پروسيس هلائيندڙن جي هٿن مان نڪري ويون آهن. هن ميڊيا جي پليٽ فارم هلائيندڙن کي خبر ناهي هوندي ته سندن هيڊ لائين ڪهڙي آهي. هنن کي اها به خبر ناهي ته ڪهڙي وڊيو ڪيتري مشهوري ماڻيندي. هن چيو ته لوڪ سجاگ پليٽ فارم اهو نٿو ڏيکاري جيڪو سڄي ميڊيا ۽ خاص طور تي مين اسٽريم ميڊيا ڏيکاري ٿي. ڊجيٽل ميڊيا مين اسٽريم ۽ روايتي ميڊيا کي متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته روايتي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هٿن مان اشتهار کسجي ويا آهن. هاڻ ان ميڊيا کي پنهنجي مستقبل بابت سوچڻ گهرجي. هن چيو ته پراڻي ليگيسي ميڊيا ختم ٿي رهي آهي، پر ڊجيٽل ميڊيا تي فيڪ نيوز، مس ۽ ڊس انفارميشن وڏو مسئلو آهي. ڊجيٽل ميڊيا پليٽ فارم به فيڪ نيوز کي نٿا روڪي سگهن. ڇو ته انفارميشن پراسيس مان خبرون نٿيون گذرن. شهزاد غياث شيخ چيو ته سوشل ميڊيا تي اسان جو وجود لائيڪ ۽ شيئر تائين محدود ٿي ويو آهي. هن چيو ته پاپولر نيريٽو ۽ ان جي مخالف سوچ کان هٽي ڪري ٽيون رستو وٺي پاڻ کي مڃرائڻ جي لاءِ پوڊ ڪاسٽ ڪرڻ وڏي ڪاميابي آهي. ڊجيٽل ميڊيا تي نمبرن جي راند آهي ۽ نمبر وڌائڻ جي لاءِ ماڻهو اڄڪلهه هڪ خاص پارٽي جي سوچ کي کڻي هلي رهيا آهن. هن چيو ته مين اسٽريم ميڊيا  تي 2 سئو ماڻهن جي مرڻ جي خبر ته هلي ٿي پر انهن مرندڙ ماڻهن جي ڪهاڻين جي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.