اياز، هيمو ڪالاڻي ۽ سورهيه بادشاهه کان تمام گهڻو متاثر ٿيو:مدد علي سنڌي

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ "اياز جا مثالي ڪردر” جي عنوان هيٺ ويهڪ ٿي. جنهن جي ماڊريٽر حسين مسرت شاهه هئي. ان موقعي تي نامياري اديب ۽ اڳوڻي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته ڪلاسيڪل ڪردارن ۾ شيخ اياز راجا ڏاهر کان شروعات ڪئي آهي. اياز جي شاعري ۾ انقلابي ڪردار نمايان آهن. اياز انقلابي ڪردارن کان متاثر هو. اياز بسمل، آزاد، هيمو ڪالاڻي ۽ سورهيه بادشاهه جي شهادتن کان تمام گهڻو متاثر آهي. شيخ اياز ڪي جو بيجل ٻوليو ڪتاب سائين جي ايم سيد جي نالي ڪيو هو. هن چيو ته عالمي ادب  ڏانهن شيخ اياز جو لاڙو حشو ڪيول راماڻي آهي. ڇو ته ڪراچي ۾ حشو ڪيول راماڻي جي پنهنجي وڏي لائيبريري هئي. اتي اياز ڪيترو ئي وقت گذاريو. اياز حشو ۽ سوڀي گيانچنداڻي کان متاثر هو. اياز جي زندگي تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. نامياري شاعر ادل سومرو چيو ته شيخ اياز دودي سومري جي شهادت کي نرالي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، نامياري شاعر نصير مرزا چيو ته شيخ اياز مزاحمت ۽ محبت جو شاعر آهي. هو سنڌي سماج جو رول ماڊل شاعر آهي. هن چيو ته شيخ اياز سائين جي ايم سيد کي پنهنجي شاعري ۾ ياد ٿو ڪري. شيخ اياز جا ڪردار وڏا ۽ منفرد آهن. شيخ اياز جي لاءِ سنڌ ئي سڀ ڪجهه آهي. شيخ اياز سڀ کان گهڻو متاثر سائين جي ايم سيد کان هو ۽ چوي ٿو ته هي جو پوڙهو جهور وڙهندي ٿيو ويڙهه ۾. شيخ اياز جا ڪردار ڊائريڪٽ ۽ سڌا آهن. سينيئر صحافي ناز سهتو چيو ته شيخ اياز جو دودي سومري جو موت اوپيرا مختلف وقتن تي سامهون ايندو رهيو آهي. هن چيو ته ڀڳت سنگهه جي ڦاهي کان ڪيترن ئي سالن کانپوءِ هيمون ڪالاڻي جي ڦاهي ٿي. ڀڳت سنگهه تي شيخ اياز جي اوپيرا آهي پر هيمون ڪالاڻي تي اوپيرا ناهي. اهڙي طرح وري سورهيه بادشاهه جي ڦاهي وارو واقعو پيش اچي ڀڳت سنگهه جيان سورهيه بادشاهه جو مڙهه به نٿو ملي. پر ان تي اياز جي اوپيرا ناهي. ان تي سوچڻ جي ضرورت آهي ته آخر ڇو اياز هنن سنڌ جي ٻن ڪردارن جي ڦاهي تي اوپيرا نه لکي. ان تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته شيخ اياز جي شاعري ۾ حب الوطني, روشن خيالي ۽ انقلابي سوچ ملندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.