لاهور(معظم فخر)پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوھر ٻھ ڏينھن اڳ اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق سان ملاقات ڪري ڳالھين وسيلي ڪميٽي جوڙڻ جي درخواست ڪئي ھئي،ذريعا دعويٰ ڪن ٿا تھ جنرل فيض حميد کي ڊسمبرجي آخر يا جنوري جي پھرين ھفتي ۾ سزا اچي ويندي امڪان اھوآھي تھ ان کي ٽاپ سٽي سان گڏ 9 مئي واقعن ۽ ھڪ اھم مقرري جي راھ ۾ رنڊڪ وجھڻ جي ڏوھھ ۾ موت جي سزا ڏني ويندي.اگر ان افواھ تي پل لاءِ ويساھ ڪجي تھ سوال ھي تھ ڇا اھو اڪيلو سزا پائيندو يا ان سان جڙيل ٻيا ماڻھو بھ سزا کائيندا؟ اھو بھ چيو پيو وڄي تھ سروس دوران ھن جنرل باجوا کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ريٽائرمينٽ بعد عدالتي عملي تي دٻاءُ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ججز ڪالوني ۾ ڪجھ شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون ، لاھور جي گارڊن ٽائون ۾ ھڪ ريٽائرڊ چيف جسٽس سان ملاقات ڪئي انھن سڀني ڳالھين جو بينيفشري عمران خان ئي ھيو سو ان ڦاھي جي ڦندي جو بار فيض حميد اڪيلي سر نھ کڻندو پر اھو عمران ڏانھن بھ شفٽ ڪندو. ھاڻي معاملي کان بچڻ لاءِ ڳالھين وسيلي پي ٽي آئي سڀني سياسي ڌرين سان ويھڻ ۽ پنھنجي لاءِ رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.پر پاڪستاني فوج جيڪا ھر ڏينھن شھيدن جا لاش کڻي رھي آھي سا شھيدن جي يادگارن تي ٿيل حملي کي نھ وساريندي. ھاڻي 190 ملين پائونڊ ڪيس۾ عمران کي سزا اچي يا نھ اچي ٻنھي صورتن ۾ ڳالھين جو عمل جاري رھندو