ن ليگ کي وڏو ڌڪ، سينيئر اڳواڻ پ پ ۾ شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) سنڌ جو سينيئر اڳواڻ راڻا احسان پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو.
صوبائي وزير سنڌ سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مسلم ليگ ن سنڌ جي سينيئر نائب صدر راڻا احسان پنهنجي ساٿين سميت پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، اسان لاءِ خوشي جي ڳالھه آهي ته راڻا احسان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو آهي.
هن چيو ته مان راڻا احسان کي پيپلز پارٽي ۾ ڀليڪار چوندس، ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي مضبوط ٿي رهي آهي، هاڻي چونڊن ۾ فتح حاصل ڪرڻ وڌيڪ آسان ٿي ويندو.
ان موقعي تي راڻا احسان چيو ته وڏي انگ ۾ ماڻهن کي پيپلز پارٽي ۾ شامل ڪندس، مان مسلم ليگ (ن) ۾ مختلف عهدن تي رهيو آهيان، ڪافي عرصي کانپوءِ مون پنهنجو نظريو تبديل ڪيو، ان جو سبب پيپلز پارٽي آهي، هن شهر ۾ مقبول جماعت پيپلز پارٽي آهي، پيپلز پارٽي پنهنجن ڪارڪنن سان گڏ ڏکئي وقت ۾ بيهڻ واري جماعت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.