اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ٽيڪس چوري ڪندڙ ۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙ شگر ملز خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ڪوٺايو ويو، اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما، سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ ناڻي واري وزير علي پرويز ملڪ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم چيو ته شگر انڊسٽري ۾ وڊيو ايناليٽيڪس کانپوءِ بهتري ايندي.
شهباز شريف چيو ته کنڊ ذخيرو ٿيڻ جي خاتمي ۽ اگهن ۾ توازن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
وزيراعظم ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.