اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسپيڪر قومي اسمبلي اياز صادق جي طرفان حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهه ٻولهه لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ جي پيشڪش جي باوجود، ڌرين اڃا تائين اسپيڪر آفيس سان باضابطه رابطو ناهي ڪيو.
زرائع اسپيڪر آفيس موجب، پي ٽي آءِ پنهنجي نامزد ڳالهه ٻولهه واري ڪميٽي جا نالا اسپيڪر آفيس کي ناهي ڏنا ۽ حڪومت طرفان به اڃا تائين ڳالهه ٻولهه واري ڪميٽي جوڙڻ جي ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.
زرائع جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڳالهه ٻولهه واري ڪميٽي جي جوڙڻ کان اڳ نواز شريف ۽ پارٽي جي رهبرن سان مشاورت ڪندا.
شهباز شريف جي هن معاملي تي نواز شريف سان ملاقات پڻ امڪاني آهي.
اسپيڪر قومي اسمبلي اياز صادق چيو آهي ته هو ڳالهه ٻولهه ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهن۔