وزيراعظم جي ٽيڪس گهٽ ۽ نه ڏيندڙ شگر ملز خلاف ڪاروائي جي هدايت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ٽيڪس چوري ڪندڙ ۽ گهٽ ٽيڪس ڏيندڙ شگر ملز خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ڪوٺايو ويو، اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما، سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ ناڻي واري وزير علي پرويز ملڪ شرڪت ڪئي.

وزيراعظم چيو ته شگر انڊسٽري ۾ وڊيو ايناليٽيڪس کانپوءِ بهتري ايندي.

شهباز شريف چيو ته کنڊ ذخيرو ٿيڻ جي خاتمي ۽ اگهن ۾ توازن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

وزيراعظم ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.