سونو سود اميتاڀ بچن جو ناجائز پٽ؟ ايشوريا ڇا چيو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪار سونو سود جي ڀيٽ بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن سان ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدار اداڪار کي ” بِگ بي“ جو وڃائجي ويل پٽ سمجهن ٿا.
هڪ انٽرويوءَ دوران سونو سود انڪشاف ڪيو ته رڳو مدح ئي نه پر بالي ووڊ ليجنڊ اميتاڀ بچن جي نُنهن ايشوريا راءِ کي به منهنجي صورت پنهنجي سهري جي ياد ڏياريندي آهي.
هن ٻڌايو ته هن اداڪارا ايشوريا راءِ سان 2008ع ۾ فلم ” جوڌا اڪبر “ ۾ ڀاءَ ڀيڻ جو ڪردار ادا ڪيو هو، فلم جي شوٽنگ کان وٺي ايشوريا مون کي هر سال رڪشا ٻنڌڻ تي راکي ٻڌندي آهي.
انٽرويو دوران اداڪار ٻڌايو ته فلم جي شوٽنگ دوران ايشوريا راءِ مون وٽ آئي ۽ چيو ته توکي ڏسڻ سان اميتاڀ بچن جي صورت اکين اڳيان تري ايندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.