ماءُ جي علاج جا پئسا آئن لائين گيم ۾ هارائڻ تي نوجوان زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو

چنائي (ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ هڪ نوجوان آن لائين رمي گيم ۾ پنهنجي ماءُ جي ڪئنسر جي علاج لاءِ گڏ ڪيل رقم هارائڻ بعد آپگهات ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، نوجوان جي سڃاڻپ آڪاش طور ٿي آهي، جيڪو هڪ ڪيٽرنگ ڊليوري ورڪر هو، فوتي ڪورونا وبا دوران آن لائين رمي ( تاس راند ) کيڏڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ ان جو عادي بڻجي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته آڪاش جو پيءُ ڪجهه سال اڳ ديهانت ڪري ويو هو، هو ڪئنسر ۾ مبتلا پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان گڏ رهندو هو.
پوليس ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن جڏهن آڪاش جي ماءُ ڏٺو ته ٽيهه هزار رپيا جيڪي هن پنهنجي علاج لاءِ گڏ ڪيا هئا گم آهن.
پڇا ڳاڇا تي آڪاش اعتراف ڪيو ته هن پئسا آن لائين گيم کيڏڻ لاءِ استعمال ڪيا هئا.
پوليس موجب، ماءُ ۽ ڀاءُ سان جهيڙي بعد آڪاش جمعي جي شام موبائيل فون کڻي گهران نڪتو ۽ وري نه موٽيو.
گهر ڀاتين هن جي ويجهن دوستن جي گهرن ۾ ڳولا ڪئي پر سندس ڪو پتو نه پئجي سگهيو، ڇنڇر جي صبح آڪاش جو لاش سندس گهر جي ڇت تان هٿ آيو.
چنائي جي ڪوٽوپورم پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي،
پرڏيهي ميڊيا موجب، گذريل چئن ورهين دوران تامل ناڊو ۾ 48 ڄڻن آن لائين جوا ايپس ۽ آن لائين لون فراڊ جي چڪر ۾ آپگهات ڪري چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.