ڀارتي آرمي چيف جو موت، هيلي ڪاپٽر حادثي جو ڪارڻ سامهون اچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اڳوڻي آرمي چيف جي هيلي ڪاپٽر حادثي موت بابت رپورٽ ٽن ورهين بعد منظرِ عام تي اچي وئي.
ڀارت جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ موت جو ڪارڻ انساني ڪوتاهي کي قرار ڏنو ويو.
لوڪ سڀا ۾ دفاعي معاملن بابت پارلياماني ڪميٽي طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هيلي ڪاپٽر حادثو انساني غفلت سبب ٿيو.
جاچ ٽيم حادثي جا امڪاني ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ سمورن شاهدن کان پڇاڳاڇا ڪئي، فلائيٽ ڊيٽا، رڪارڊ ۽ ڪاڪ پٽ وائس رڪارڊ جي مڪمل ڇنڊڇاڻ کانپوءِ رپورٽ مرتب ڪئي وئي.
جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 22-2021 ۾ مجموعي طور تي ڪُل نوَ حادثا پيش آيا هئا، اٺ ڊسمبر تي ڀارتي جنرل جي هيلي ڪاپٽر جو حادثو انساني ڪوتاهي سبب ٿيو.
ياد رهي ته ڀارتي هوائي فوج جي آءِ ايم آءِ 17۾ جنرل بپن راوت، سندس گهرواري، ۽ ڀارتي فوج جا 12 اهلڪار سوار هئا.
هيلي ڪاپٽر تامل ناڊو کان ويلنگٽن وڃي رهيو هو ۽ لينڊنگ کان ڪجهه منٽ اڳ جبل سان ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.