اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته نوَ مئي سانحي ۾ ملوث جوابدارن جي سزائن مان واضح ٿي ويو ته ماسٽر مائينڊ پي ٽي آءِ باني هو.
هڪ بيان ۾ عطاءَ تارڙ چيو چيو ته نوَ مئي تي ملڪ لاءِ جانين جي قرباني ڏيندڙن جي يادگارن کي ڪِيرايو ويو، پي ٽي آءِ باني ڪارڪنن کي تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه لاءِ ڀڙڪايو.
هن چيو ته نوَ مئي سانحي ۾ ملوث جوابدارن جي سزائن بعد واضح ٿي ويو ته ماسٽر مائينڊ پي ٽي آءِ باني هو.
You might also like