ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس: اڳوڻي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جعلي پوليس مقابلي ۾ ماريل ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي اسد چوڌري سميت 4 ٻين 4 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايف آءِ اي کي اڳوڻي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سميت 6 روپوش پوليس آفيسرن کي گرفتار ڪري 8 جنوري تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.
هوڏانهن ايف آءِ اي ڊاڪٽر شاهنواز جي قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم ڪندڙ 5 رڪني اسپيشل ميڊيڪل بورڊ جي ميمبرن جا لکت بيان به ورتا آهن.
اسپيشل ميڊيڪل بورڊ جي ميمبرن پنهنجي بيانن ۾ ڊاڪٽر شاهنواز تي تشدد جي تصديق ڪئي، اهي بيان ايف آءِ اي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ ڪيس جي انويسٽيگيشن آفيسر راشد ڀٽي ورتا.
واضح رهي ته ڊاڪٽر شاهنواز کي 19 سيپٽمبر تي سنڌڙي ۾ جعلي پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو هو، جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ سندس خلاف عمرڪوٽ ۾ توهين مذهب جو ڪيس داخل ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.