لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي چيئرمين محسن نقوي جو چيمپيئنز ٽرافي جو تجويز ڪيل شيڊيول سامهون اچڻ تي چيو آهي ته ڪو به ڪم بنا لکت جي ناهيون ڪندا.
لاهور ۾ قذافي اسٽيڊيم جي دوري دوران صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي محسن نقوي چيو ته لکت کانسواءِ ڪو به ڪم ناهيون ڪندا، جيڪڏهن ڪو پنهنجي ڳالهين تان ڦريو ته ان کي ڏسي وٺنداسين.
چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول طئي ٿيڻ بابت سوال تي پي سي بي چيئرمين جو چوڻ هو ته بس ٿورو صبر ڪريو سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو.
وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ملڻ بابت سوال تي محسن نقوي چيو ته في الحال معاملا شروعاتي مرحلي ۾ آهن، تمام جلد سڀ شيون سامهون هونديون.
هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته چيمپيئنز ٽرافي بابت اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿي سگهيو، ٽورنامينٽ جي حوالي جيڪو فيصلو ٿيندو پاڪستان لاءِ بهتر هوندو.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، چيمپيئنز ٽرافي معاهدي تحت اٺ ٽيمن جي ايونٽ ۾ ڀارت جون ميچون نيوٽرل وينيو تي ٿينديون، جڏهن ته بدلي ۾ ڀارت جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ آءِ سي سي ايونٽس ۾ پاڪستان به پنهنجون ميچون ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ کيڏندو.
رپورٽ موجب، پاڪستان چئن ورهين بعد هڪ ٻئي آءِ سي سي ايونٽ جي ميزباني ڪندو، پاڪستان کي 2028 جي وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڏني وئي آهي.