اُس تي ويهڻ جا حيران ڪندڙ فائدا

سياري ۾ اُس ۾ ويهي هر ڪو لطف اندوز ٿيندو آهي پر اُس رڳو کان ٿڌ کان بچائڻ جو نه ڪم ناهي ڪندي، سج جي روشني ۾ ويهڻ جا ڪيترائي طبي فائدا به آهن.
توهان کي اهو ڄاڻي حيرت ٿيندي ته سج جي شعاعن ۾ رڳو ڪجهه وقت گذارڻ سان وڏي ڄمار ماڻي سگهو ٿا.
جي ها! هڪ تحقيق موجب جيڪي ماڻهو سگريٽ ناهن ڇڪيندا پر اُس کان به پاسو ڪندا آهن، انهن جي عمر ايتري هوندي آهي، جيڪي سگريٽ ڇڪيندڙن جي، مطلب سگريٽ ڇڪڻ جيان اُس کان پاسو ڪرڻ به توهان جي عمر گهٽائي سگهي ٿو.
جيڪڏهن توهان روز ڪجهه وقت سج جي روشني وٺو ٿا ته توهان کي ڪيترائي طبي فائدا پهچن ٿا، جن ۾ شگر، هاءِ بلڊ پريشر، دل جي بيمارين جو خطرو گهٽجڻ شامل آهي، جڏهن ته انفيڪشن ۽ ذهني دٻاءَ کان به بچاءُ ٿئي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڏينهن ۾ رڳو اڌ ڪلاڪ ئي سج جي روشني ۾ وقت گذارڻ ڪافي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.