پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا سڀاڻي ڪيپ ٽائون ۾ آمهون سامهون ٿيندا

ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ سڀاڻي ڪيپ ٽائون ۾ کيڏي ويندي.
پاڪستان ٽيم هن وقت ڏکڻ آفريقا جي دوري تي موجود آهي، جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز کيڏي پئي وڃي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ سڀاڻي ڪيپ ٽائون ۾ پاڪستاني وقت موجب شام 5 وڳي شروع ٿيندي.
واضح رهي ته 3 ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي 0-1 جي سرسي حاصل آهي، پارل ۾ کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڏکڻ آفريقا کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
پروٽيز کي سيريز ۾ رهڻ لاءِ ميچ لازمي طور کٽڻي پوندي، جيڪڏهن پاڪستان ميچ کٽي ويو ته سيريز پنهنجي نالي ڪري ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.