نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تلنگانه ۾ ڪنوار طرفان آپگهات جي ڪوشش تي گهوٽ کيس جهنگ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب مهاراشٽرا رياست سان واسطو رکندڙ وڪرم ملازمت جي سلسلي ۾ بينگلورو ۾ ترسيل هو، جتي ان جي ملاقات رابعا نالي ڇوڪري سان ٿي، ٻنهي کي پهرين ملاقات ۾ ئي هڪٻئي سان پيار ٿي ويو ۽ هنن 4 ڊسمبر تي شادي ڪئي پر تمام جلد ٻنهي ۾ جهيڙا ٿيڻ لڳا.
جوڙو بينگلورو ڇڏي حيدرآباد منتقل ٿي ويو پر جهيڙا ختم نه ٿيا، هن ڏينهن رابعا دلبرداشتا ٿي وڏي مقدار ۾ ننڊ جون گوريون کائي ڇڏيون، جنهن سان سندس طبعيت بگڙي وئي.
وڪرم زال کي اسپتال وٺي وڃڻ بدران کيس ملوگو منڊل جي ون ڊي مامڙي جهنگ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو.
جهنگ جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ماڻهن پوليس کي معاملي جو اطلاع ڏنو ۽ رابعا کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس رابعا جي گهرڀاتين کي واقعي جو اطلاع ڏنو، جڏهن ته گهوٽ جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
Next Post
You might also like