ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عائشا آفريدي اڳوڻي ڪرڪيٽر شاهد آفردي سان ڪنهن به قسم جي تعلق جي خبرن جي سختي سان ترديد ڪري ڇڏي.
هڪ شو ۾ عائشا آفريدي کان ميزبان سوال ڪيو ته ڇا توهان شاهد آفريدي جا مائٽ آهيو؟ جنهن تي عائشا چيو ته منهنجو شاهد آفريدي سان ڪو تعلق ناهي، ماڻهو مون کان هر هر اهو سوال ڪندا آهن پر مان سدائين اهو جواب ڏيندي آهيان ته مان عائشا آفريدي آهيان ۽ منهنجو شاهد آفريدي سان ڪو رشتو ناهي.
هن وڌيڪ چيو ته پٺاڻ خاندان سان واسطو هجڻ سبب مون کي شوبز ۾ قدم رکڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون، اسان جي خاندان ۾ اهڙو رواج ناهي، گهرن وارن کي راضي ڪرڻ ۾ وڏي جدوجهد ڪرڻي پئي.
سندس چوڻ هو ته مان هڪ اداڪارا هجڻ باوجود پنهنجي خاندان ۾ وڌيڪ اهميت نٿي رکان.
Prev Post
You might also like