ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي 26هين آئيني ترميم خلاف درخواست ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
26هين آئيني ترميم خلاف اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس جنيد غفار ريمارڪس ڏنا ته جنهن بينچ پرميشن ڏني آهي، اها ئي بينچ توهان جي درخواست ٻڌندي.
هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي بينچ 23 ڊسمبر تي موجود هوندي، جتي درخواست ٻڌي سگھجي ٿي.
واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي 26هين آئيني ترميم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو.
You might also like