ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان هڪ انٽرويو دوران پنهنجي ٻي شادي بابت ڳالهائيندي روئي ڏنو.
ماهرا خان پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڳالهيون ڪيون ۽ پنهنجي ٻي شادي بابت پڻ ٻڌايو.
اداڪارا کان انٽرويو ۾ سوال پڇيو ويو ته ايشيا ۾ اڄ جي دور ۾ به هڪ اهڙي عورت جنهن جا ٻار هجن، جي ٻي شادي ڪرڻ جو فيصلو سٺو ناهي سمجهيو ويندو، تنهن ڪري ٻي شادي تي ڪو اهڙو لحمو آهي، جيڪو توهان ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهيو؟
ماهرا خان چيو ته مون کي پنهنجي پٽ تي فخر آهي ۽ مان چاهيندي هيس ته شادي جي تقريب ۾ انٽري وقت هو مون سان گڏ هجي، هن منهنجي اها خواهش پوري ڪئي، مون کي لڳندو آهي ته هر ڀيري مان زندگي ۾ سٺا ڪم ڪيا ۽ ماڻهن سان سٺو ورتاءُ ڪيو ۽ پنهنجي ڀرپاسي موجود ماڻهن جو خيال رکيو، تنهن ڪري الله مون کي ان جو انعام ڏنو.
سندس موجب شادي جي موقعي تي مون کي اهو محسوس ٿيو ته انسان جي زندگي ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيندو آهي اهو الله پاڪ جي رضا سان ٿيندو آهي ۽ جنهن ۾ الله جي رضا آهي، ان ۾ ضرور انسان جي ڀلائي هوندي آهي.
انٽرويو دوران اها ڳالهه ڪندي ماهرا خان جون اکيون ڀرجي آيون.
You might also like