پارل (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز جي شروعات سڀاڻي کان ٿيندي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي پارل ۾ پاڪستاني وقت موجب شام 5 وڳي شروع ٿيندي.
ان کان اڳ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ڏکڻ آفريقا 0-2 تان پنهنجي نالي ڪئي.
پروٽيز پهرين ۽ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏني، جڏهن ته برسات سبب ٽين ميچ نه ٿي سگهي.
پاڪستان جو ون ڊي اسڪواڊ
محمد رضوان (ڪپتان)، بابر اعظم، صائم ايوب، عثمان خان، سلمان آغا، عبدالله شفيق، عرفان خان، طيب طاهر، ڪامران غلام، ابرار احمد، حارث رئوف، شاهين آفريدي، نسيم شاهه، محمد حسنين، سفيان مقيم.
Prev Post
You might also like