پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ ڪُل ڪيتريون ون ڊي ميچون ٿيون، ڪنهن ڪيتريون کٽيون؟

پارل (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات سڀاڻي کان ٿيندي.
ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ميچ سڀاڻي پارل ۾ پاڪستاني وقت موجب شام 5 وڳي شروع ٿيندي، پاڪستان جي قيادت محمد رضوان ڪندو، جڏهن ته ڏکڻ آفريقي ڪپتان ٽيمبا باووما ورڪ لوڊ سبب پهرين ون ڊي ۾ شرڪت نه ڪندو، سندس جاءِ تي ايڊن مارڪرم قيادت ڪندو.
ٻنهي ملڪن ۾ هيل تائين ڪُل 83 ون ڊي ميچون ٿي چڪيون آهن، جن مان ڏکڻ آفريقا 52 ميچون کٽيون آهن، جڏهن ته پاڪستان رڳو 30 مقابلا کٽيا ۽ هڪ ميچ جو نتيجو نه نڪتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.