آرمي پبلڪ اسڪول سانحو، تعليمي ادارا بند رهندا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ايس) سانحي ۾ شهيد ٻارن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 16 ڊسمبر تي اسلام آباد ۽ لاهور ۾ سمورا سرڪاري ۽ نجي اسڪول توڙي ڪاليج بند رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو آهي ته 16 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ سمورا نجي ۽ سرڪاري اسڪول ۽ ڪاليج بند رهندا.
هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر لاهور سيد موسيٰ رضا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب حڪومت جي هدايت تي 16 ڊسمبر تي لاهور شهر جي سڀني سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۽ ڪاليجن کي بند رکيو ويندو پر يونيورسٽيون کليل رهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.