اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اسان ڳالهين دوران شرط نه پر مطالبا ضرور رکيا آهن.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته 9 مئي جا ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، اهي سمورا ڪيس جعلي آهن ۽ انهن ۾ بريت ٿيندي، تحريڪ انصاف جي درخواست وزيراعظم ۽ ٻين جي خلاف آهي.
هن چيو ڪيترائي احتجاج ٿيا پر دنيا ۾ ڪٿي به گولي ناهي هلي، احتجاج ڪندڙ اڃا ويٺا ئي نه ته شيلنگ شروع ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني اڳ به ڳالهين جو چيو هو، ڳالهيون ضرور ٿيڻ گهرجن، سياسي مسئلن جو حل سياسي ويهڪ سان ئي ٿيندو آهي پر ڳالهين دوران شرط ناهن رکيا، مطالبا ضرور رکيا آهن، اڳ ۾ به ڳالهيون ٿيون پر هڪ اسٽيج کان رڳ رابطو ختم ٿي ويو.
بيرسٽر گوهر چيو ته بس هاڻ گهڻو ٿي ويو، هاڻ ملڪ کي بهتري ڏانهن وڌڻ گهرجي.
You might also like