اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي مقرري لاءِ رولز جوڙڻ واري ڪميٽي جي چيئرمين جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس منصور علي شاهه کي جوابي خط موڪلي ڇڏيو.
جسٽس جمال خان مندوخيل جي جوابي خط ۾ چيو ويو آهي ته توهان پنهنجي خط ۾ 26هين آئيني ترميم بابت ڳالهايو آهي، مان 26هين آئيني ترميم تي ڳالهائڻ نٿو چاهيان، ڇو ته اهو معاملو عدالت ۾ آهي.
جوابي خط جي متن موجب توهان جو 12 ڊسمبر 2024 تي خط گذريل ڏينهن وصول ٿيو، آئين پاڪستان جڊيشل ڪميشن کي رولز جوڙڻ جو اختيار ڏئي ٿو، چيف جسٽس توهان جي مشاورت سان 6 ڊسمبر 2024 تي منهنجي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي.
رولز ڪميٽي چيئرمين جي خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي کي ججن جي مقرري لاءِ رولز ڊرافٽ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ۽ ڪميٽي جا ٻه اجلاس اڳ ۾ ئي ٿي چڪا آهن، توهان جي خط ۾ جيڪي تجويزون ڏنيون ويون آهن، انهن مان گهڻيون تجويزون ڊرافٽ ۾ اڳ ئي شامل آهن، اهو ڊرافٽ مان توهان جي خط کان اڳ ئي ذاتي طور تي توهان سان شيئر ڪري چڪو آهيان.
جسٽس جمال خان مندوخيل جي خط ۾ چيو ويو آهي ته منهنجي ڄاڻ موجب توهان لاهور ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري لاءِ اميدوارن کي نامزد ڪيو آهي، منهنجو مشورو آهي ته توهان پنهنجي اميدوارن جا نالا رولز جي منظوري کان پوءِ تجويز ڪيو.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه رولز ڪميٽي چيئرمين جسٽس جمال خان مندوخيل کي خط لکندي چيو هو ته 26هين آئيني ترميم ججن جي تقرري بابت اختيارن جي توازن بگاڙي ايگزيڪيوٽو کي اڪثريت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سبب عدليا ۾ سياسي مقررين جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.
خط جي جواب ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل چيو آهي ته مان توهان جي ڏنل تجويزن جي آجيان ڪيان ٿو، واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته مان پڻ عدليا جي آزادي جي نظريي جو قائل آهيان ۽ عدليا ۾ قابل ۽ ايماندار ماڻهن جي مقررين کي اهميت ڏيان ٿو.
26هين ترميم جو معاملو عدالت ۾ آهي، نٿو ڳالهائڻ چاهيان: جسٽس جمال مندوخيل جو جسٽس منصور کي جوابي خط
You might also like