پشاور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس وقار احمد اليڪشن ڪيسز ٻڌڻ کان پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو.
ان سلسلي ۾ جسٽس وقار احمد پاران آرڊر شيٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هن پاڻ کي اليڪشن ٽربيونل کان الڳ ڪرڻ جي تصديق ڪئي.
آرڊر شيٽ ۾ چيو ويو آهي ته اعتراض ڪندڙ ٽربيونل تي اعتراض ڪيو آهي، اعتراض ڪندڙ جو چوڻ آهي ته مان پي ٽي آءِ لائيرز فورم جو رڪن رهيو آهيان، پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل رهيو آهيان پر جڏهن ڪو جج بڻجي ٿو ۽ حلف کڻي ٿو ته ان جو ڪنهن به پارٽي سان تعلق ناهي رهندو.
جسٽس وقار احمد وڌيڪ چيو ته مون تي اعتراضن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن جا ڪيس ٻئي ٽربيونل ۾ منتقل ڪيا وڃن، اعتراضن کان پوءِ مان اليڪشن ڪيس نٿو ٻڌي سگهان.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ پارليامينٽيرين جي صوبائي اسمبلي ميمبر ارباب وسيم جسٽس وقار احمد تي اعتراض ڪيو هو.
You might also like