واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ هڪ نوجوان گيم کيڏڻ کان روڪڻ تي پنهنجي پيءُ کي قتل ۽ ماءُ کي زخمي ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب پيءُ نوجوان تي وڊيو گيمز کيڏڻ ۽ نوڪري نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب 23 ورهين جو جوزف ووئيگٽ نالي جوابدار پنهنجي 63 ورهين جي پيءُ ۽ 58 ورهين جي ماءُ کي گوليون هڻي فرار ٿي ويو هو.
اطلاع تي پوليس پهتي ته نوجوان جو پيءُ مئل حالت ۾ پيو هو، جڏهن ته زخمي ماءُ کي اسپتال نيو ويو.
پوليس موجب فرار جوابدار کي حراست ۾ ورتو ويو، جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.
Next Post
You might also like