سون جي اگهه ۾ مسلسل چوٿين ڏينهن واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ مسلسل چئن ڏينهن کان واڌ جو رجحان برقرار آهي، اڄ في تولي سون جي اگهه ۾ 2 هزار 300 رپين جي وڏي واڌ ٿي.
آل سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب ٻه هزار 300 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 82 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.
10 گرام سون هڪ هزار 971 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 42 هزار 455 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 23 ڊالر واڌ کانپوءِ 2 هزار 716 ڊالر في اونس تي پهچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.