ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ تيزي جو رجحان برقرار آهي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 3 هزار 370 پوائنٽن جي اضافي سان هڪ لک 14 هزار جي نئين حد کي به پار ڪري ويو.
پي ايس ايڪس ويب سائيٽ موجب ڪاروبار دوران 3 لڳي 26 منٽن تي بينچ مارڪ 100 انڊيڪس 3 هزار 543 پوائنٽن جي اضافي سان هڪ لک 14 هزار 353 پوائنٽن تي پهچي ويو، جڏهن ته اربع ڏينهن مارڪيٽ هڪ لک 10 هزار 810 پوائنٽن تي بند ٿي هئي.
پر ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 3 هزار 370 پوائنٽن يا 3.04 سيڪڙو اضافي سان هڪ لک 14 هزار 180 جي سطح تي بند ٿيو.
Prev Post
You might also like