واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل منتخب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين جي صدر شي جن پنگ کي پنهنجي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي ڇڏي.
آمريڪي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ڪاميابي کان پوءِ نومبر ۾ ئي چين جي صدر شي جن پنگ کي دعوت ڏني هئي پر اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته هن اها دعوت قبول ڪئي آهي يا نه.
ميڊيا رپورٽ موجب نئون چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 20 جنوري تي عهدي جو حلف کڻندو.
واضح رهي ته چين جي صدر شي جن پنگ ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي صدر چونڊڻ تي مبارڪباد ڏني هئي.
Next Post
You might also like