بابر اعظم خلاف مبينا هراسگي ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جا اهم ريمارڪس

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مبينا هراسگي بابت بابر اعظم تي داخل ڪيس خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ فائل جسٽس اسجد جاويد گهرال کي موڪلڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
جسٽس وحيد خان ڪرڪيٽر بابر اعظم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالتي حڪم تي مبينا هراسگي جو شڪار عورت به پيش ٿي.
عدالت بابر اعظم جي وڪيل سان مڪالمو ڪندي چيو ته هيءَ 2021 جي درخواست آهي، هر ڀيري توهان ڪيس ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪندا آهيو.
عورت جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته اهو زنا جو ڪيس آهي، ڪرڪيٽر بابر اعظم شادي جو ڏٽو ڏئي زنا ڪندو رهيو، بابر اعظم کي عورت کي 12 لک رپيا به ڏيڻا آهن.
بابر اعظم جي وڪيل اپيل ڪئي ته سينيئر وڪيل حارث عظمت موجود ناهي، ڪيس ملتوي ڪيو وڃي.
عدالت بابر اعظم جي وڪيل کي چيو ته توهان 2021 کان منع نامو حاصل ڪيو آهي، عدالت ۾ ايندا ئي ناهيو.
عدالت بابر اعظم جي وڪيل جي اپيل منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 16 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.