ملڪيت جي فراڊ جو خاتمو، تحرير ٿيل اسٽامپ پيپر جاري ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو پنجاب نبيل جاويد چوڌري جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بورڊ آف روينيو پنجاب کي جديد دور جي گهرجن کان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي جي 14 منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي.
ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ مني لانڊرنگ جي روڪٿام لاءِ سڌارا ڪيا پيا وڃن، پنجاب ۾ ايراضي ٽرانسفر ميوٽيشن کي شفاف بڻائڻ لاءِ جديد اليڪٽرانڪ رجسٽريشن ۽ اسٽيمپ سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي، اليڪٽرانڪ رجسٽريشن ۽ اسٽيمپ سسٽم ذريعي تحرير ٿيل اسٽامپ پيپر جاري ڪيا ويندا.
نبيل جاويد چيو ته جديد اي اسٽامپ پيپر ان ئي ضلعي ۾ استعمال ٿي سگهندا، جنهن ضلعي مان جاري ٿيندا، پنجاب جي هڪ کان وڌيڪ ضلعن مان اي اسٽامپ پيپر حاصل ڪرڻ لاءِ لائسنس جاري ڪيو ويندو.
ان جديد سسٽم ذريعي سموريون سرڪاري ادائيگيون اي پيمينٽ ذريعي ممڪن ٿينديون، عوام جي پراپرٽي رائٽ جو تحفظ ۽ جعلسازي کان پاڪ سسٽم بورڊ آف روينيو جي پهرين ترجيح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.