لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽيسٽ اسڪواڊ جا رانديگر سڀاڻي ڏکڻ آفريقا روانا ٿيندا.
ٽيسٽ اسڪواڊ جا رانديگر لاهور ۽ ڪراچي کان دبئي ۾ گڏ ٿيندا، جتان سڀ جوهانسبرگ لاءِ روانا ٿيندا.
شان مسعود، سعود شڪيل، خرم شهزاد، مير حمزا، محمد عباس، عامر جمال، حسيب الله ۽ نعمان علي ڏکڻ آفريقا ويندا، جڏهن ته ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪجهه رانديگر اڳ ئي اتي موجود آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز 26 ڊسمبر کان شروع ٿيندي.
Prev Post
You might also like