سمرتي منڌانا ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

پرٿ (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وومين ٽيم جي بيٽر سمرتي منڌانا عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو.
آسٽريليا خلاف کيڏيل ٽين ون ڊي ميچ ۾ سمرتي منڌانا سينچري اسڪور ڪئي، اها سينچري ڀارت کي ميچ ته نه کٽرائي پر ڀارتي بيٽر هڪ وڏو اعزاز ماڻي ورتو.
سمرتي ميچ ۾ 105 رنسون ٺاهيون، اهو مجموعي طور هن سال ون ڊي فارميٽ ۾ سندس چوٿين سينچري هئي، جنهن کانپوءِ هوءَ سال ۾ وڌيڪ ون ڊي سينچريون اسڪور ڪندڙ بيٽر بڻجي وئي.
ان کان اڳ 7 وومين ڪرڪيٽرز هڪ سال ۾ 3 سينچريون ٺاهي چڪيون آهن.
واضح رهي ته سمرتي ون ڊي انٽرنيشلز ۾ مجموعي طور 9 سينچريون اسڪور ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.