اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ ايف سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي آءِ ايف اي ايم جي اجلاس ۾ پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل آئل اڍائي رپيا مهانگو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ان جو اثر ايسڪرو اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيو ويندو، جيڪو ريفائنرين جي اپ گريڊ منصوبن لاءِ استعمال ٿيندو، اهو هڪ عارضي انتظام هوندو ۽ ايندڙ بجيٽ تائين جاري رهندو.
ايف آءِ ايف سي جي اجلاس ۾ اوگرا کي آءِ ايف اي ايم ۾ واڌ جي اثرن جو جائزو وٺڻ ۽ پيٽروليم ڊويزن جو خلاصو تيار ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي، جيڪو اي سي سي سامهون منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
پر پارڪو جيڪو مارڪيٽ جو 48 سيڪڙو حصو رکي ٿو، آءِ ايف اي ايم ۾ واڌ خلاف آهي ۽ ان کي عارضي انتظام قرار ڏئي ٿو.
اجلاس ۾ پيٽروليم ڊويزن کي هدايت ڏني وئي ته مقامي ريفائنرين جا 5 کان 6 ارب ڊالرن جا اپ گريڊ منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي اندر عمل جوڳو منصوبو پيش ڪيو وڃي.
You might also like