پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي جو ڏکڻ آفريقا وڃڻ کان انڪار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي ڏکڻ آفريقا وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ٽيم هن وقت ڏکڻ آفريقا جي دوري تي آهي، جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جاري آهي، ان کانپوءِ 3 ون ڊي ۽ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز به ٿيندي.
هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي ذاتي سببن جي بنياد تي پي سي ي کي ڏکڻ آفريقا نه وڃڻ جو چيو آهي پر ذريعن موجب هن اهو قدم پي سي بي طرفان ريڊ بال ٽيم جي ڪوچ ٽم نيلسن جي معاهدي ۾ واڌ نه ڪرڻ تي کنيو آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ جيسن گليسپي کي مستقبل ۾ ذميواريون نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو.
ذريعن موجب گيري ڪرسٽن جيان جيسن گليسپي به وقت کان اڳ استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان کان اڳ اها خبر سامهون آئي هئي ته پي سي بي ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ هاءِ پرفارمنس ريڊ بال ڪوچ ٽم نيلسن جي معاهدي ۾ واڌ ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.