پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ ڏکڻ آفريقي اسڪواڊ جو اعلان، اهم رانديگرن جي واپسي

جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا پاڪستان خلاف 3 ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ٽيم هن وقت ڏکڻ آفريقا جي دوري تي آهي، جتي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جاري آهي، ان کانپوءِ ون ڊي ۽ ٽيسٽ سيريز پڻ ٿيندي.
ڏکڻ آفريقا خميس ڏينهن پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ اهم رانديگرن جي واپسي ٿي آهي.
ون ڊي ۾ ڏکڻ آفريقي ٽيم جي قيادت ٽيمبا باووما ڪندو، جڏهن ته فاسٽ بالر ڪگيسو ربادا جي 2023 جي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، ان کانسواءِ ڊيوڊ ملر ۽ ڪلاسن به 2023 جي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ون ڊي ٽيم ۾ واپس آيا آهن پر فاسٽ بالر نوڪيا انجري سبب 15 رڪني اسڪواڊ جو حصو ناهي بڻجي سگهيو.
ڏکڻ آفريقا جي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ ٽيمبا باووما، بارٽمين، ٽوني ڊي زورزي، مارڪو جينسن، ڪلاسن، ڪيشو مهاراج، ڪوينا مافاڪا، ايڊن مارڪرم، ڊيوڊ ملر، انڊيلي فيلڪوايو، ڪگيسو ربادا، ٽرسٽن اسٽبز، ريان رڪلٽن، تبريز شمسي، راسي وين ڊر ڊوسن شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.