ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مختلف ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪري ڇڏيون.
سنڌ حڪومت مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب ڊي سي ايسٽ شهزاد فضل عباسي، ڊي سي ڪياماڙي طاهر چيما، سنڌ سالڊ ويسٽ جي ايم ڊي امتياز شاهه سميت جيڪب آباد، ٽنڊي الهيار ۽ ملير جي ڊپٽي ڪمشنرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب مڪاني کاتن جي سيڪريٽري خالد حيدر شاهه کي ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جي واڌو چارج ڏني وئي آهي، جڏهن ته سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن ضمير عباسي ۽ ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ فورس طارق چانڊيو کي به عهدي تان هٽايو ويو آهي.
راجا طارق حسين کي ڊي سي ڪياماڙي، ابرار احمد جعفر کي ڊي سي ايسٽ، سليم الله اوڍو کي ڊي سي ملير ۽ مصطفيٰ لغاري کي ڊي سي ٽنڊو الهيار مقرر ڪيو ويو آهي.
You might also like