مشهور اسٽريمنگ پليٽ فارم نيٽ فلڪس جي سيريز ”ٽواءِ بواءِ“ جو اسٽار جوس ڊي لا ٽوري 37 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اداڪار جي موت جا سبب عوام سامهون ناهن آندا ويا، جڏهن ته جون ۾ اداڪار سوشل ميڊيا تي هڪ سنگين بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو هو.
هن بيماري جا تفصيل نه ڏنا هئا پر علاج شروع ڪرڻ کانپوءِ هو پنهنجي صحت تي ڌيان ڏيڻ لاءِ سوشل لائيف کان پري ٿي ويو هو.
جوس ڊي لا ٽوري جون آخري رسمون 6 ڊسمبر تي سندس اباڻي شهر مونٽيلا ۾ ادا ڪيون ويون، سندس اوچتي لاڏاڻي تي ساٿي فنڪارن ۽ مداحن افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Next Post
You might also like