ڪراچي: 700 ڪلو آئس ٻاهرئين ملڪ سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) منشيات روڪ فورس ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي 700 ڪلو گرام آئس ٻاهرئين ملڪ سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
اينٽي نارڪوٽڪس فورس سائوٿ ايشيا پاڪستان ٽرمينل ڪراچي تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي وڏي مقدار ۾ ٻاهرئين ملڪ آئس سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
اي اين ايف ترجمان موجب اها منشيات ملائشيا سمگل ڪئي پئي وئي، بُڪ ڪيل ڪنٽينر مان 700 ڪلو گرام ميٿ ايمفيٽامائن آئس برآمد ٿي.
اها آئس ڪيلشيم ڪاربونيٽ سان مڪس ڪري سمگل ڪئي پئي وئي، ٽيم ڪنٽينر ۾ موجود ڪيلشيئم ڪاربونيٽ جي ٿيلهن جي تلاشي ورتي ته آئس برآمد ٿي.
ترجمان ٻڌايو ته اهو ڪنٽينر ڪراچي ۾ قائم نجي ڪمپني طرفان ڪوالالمپور لاءِ بڪ ڪرايو ويو هو، گرفتار جوابدار کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.