دبئي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف کي آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ قرار ڏنو ويو.
پليئر آف دي منٿ لاءِ ڀارت جي جسپريت بمرا ۽ ڏکڻ آفريقا جي مارڪو جينسن جي به نامزدگي ٿي هئي پر حارث رئوف ميدان ماري ويو.
حارث رئوف کي نومبر جي ڪارڪردگي جي بنيا تي پليئر آف دي منٿ جي اعزاز سان نوازيو ويو، هن آسٽريليا خلاف سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هو.
You might also like