پي ٽي آءِ جو سول نافرماني جو سڏ فيض حميد ڪيس تي دٻاءُ وجهڻ آهي: فيصل واوڊا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پي ٽي آءِ فيض حميد ڪيس جي ڪارروائي تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ سول نافرماني جو سڏ ڏنو آهي.
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته سياسي جماعتن وٽ وڃڻ جو قومي مقصد آهي، مصطفيٰ ڪمال ۽ منهنجي فطرت هڪجهڙي آهي، پيار سان به ڪم ڪرائڻ ڄاڻون ٿا ۽ هٿ مروڙي به، اسان کي سڀني جو مينڊيٽ تسليم ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي، علي امين جي غنڊا گردي نه هلندي، تحريڪ انصاف ۾ ڪيترائي سٺا ماڻهو به آهن، پي ٽي آءِ پنهنجو قلبو درست ڪري ته بهتر هوندو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سول نافرماني جو سڏ ڏنو آهي، 14 تاريخ فيض حميد جي پروسيڊنگ تي پريشر وجهڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي پر اها پروسيڊنگ ان کان اڳ شروع ٿي ويندي، اسٽيبلشمينٽ ڪو سودو نه پئي ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.