لاهور (ويب ڊيسڪ) پارڪس اينڊ هورٽيڪلچر اٿارٽي (پي ايڇ اي) بوٽ ريسٽورنٽ ٺاهڻ جو اسٽرڪچر تيار ڪري ورتو.
ذريعن موجب پي ايڇ اي لاهور ڪينال تي پهريون تَرندڙ ريسٽورنٽ بوٽ ٺاهيندي، فلوٽنگ ريسٽورنٽ تي 35 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته منصوبو هربنس پورا ڀرسان ڍنڍ تي ٺاهيو ويندو، جنهن ۾ سٽنگ ايرياز، ٻارن جي پلي ايرياز سميت تفريحي سهولتون هونديون.
ذريعن موجب پراجيڪٽ ۾ 3 ڪمپنين پري ڪواليفاءِ ڪيو آهي، پي ايڇ اي اڳ کان ٺاهيل پڪنڪ اسپاٽ کي به اپ گريڊ ڪندي، ماضي ۾ ان اسپاٽ تي پڪنڪ اسپاٽ تيار ڪيو ويو، جنهن کي موٽ نه ملي سگهي هئي.
You might also like