دمشق (ويب ڊيسڪ) شامي باغين تخت گاهه تي قبضي کانپوءِ سرڪاري ٽي وي تي پهرئين ئي خطاب ۾ سڀني قيدين لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب شامي باغين پنهنجي فتح جو اعلان سرڪاري ٽي وي تي ڪندي ٻڌايو ته شام مان بشار الاسد حڪومت جي ڊگهي دور جو خاتمو ٿي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب باغين پهرئين ئي خطاب ۾ سڀني قيدين لاءِ عام معافي جو اعلان ڪندي چيو ته دمشق ۾ صورتحال محفوظ آهي، ڪنهن جي به خلاف انتقامي ڪارروائي نه ٿيندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب شامي باغين آزاد شام جي خود مختياري ۽ سلامتي جي خاطري ڪرائيندي چيو ته شام ۾ ڪاري دور جي خاتمي کانپوءِ نئون دور شروع ٿي رهيو آهي.
You might also like