شامي صدر بشار الاسد فرار ٿيندي جهاز حادثي ۾ فوت ٿيڻ جا اطلاع

دمشق (ويب ڊيسڪ) شامي صدر بشار الاسد جنهن جهاز ۾ ملڪ مان فرار ٿيو، ان جو ريڊار سان رابطو ڪٽجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب شام جي صدر بشار الاسد بابت شڪ آهي ته هو حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ملڪ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ بشار الاسد جي جهاز ريڊار تان گم ٿيڻ کان اڳ هڪ غير معمولي ٽرن ورتو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب شام جي تخت گاهه دمشق ۾ باغين جي داخل ٿيڻ کان اڳ ئي بشار الاسد هڪ جهاز ۾ اڻڄاتل هنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.