تيز ترين بال کان هيڊ کي ” هل ڙي “ چوڻ تائين، محمد سراج بحث جو موضوع بڻجي ويو

ڪرڪيٽ ۾ جيڪڏهن ڪو فاسٽ بالر تيز بالنگ ڪري بيٽرز کي اکيون ڏيکاري ۽ وري پويلين ويندي مٿن لفظي واري ڪري ته مداحن لاءِ اهڙا منظر هميشه لاءِ يادگار بڻجي ويندا آهن.
ماضيءَ ۾ پاڪستاني اسپيڊ اسٽار شعيب اختر آئي ڏينهن ائين ڪندي نظر ايندو هو، آسٽريلوي بالر به سليجنگ ( لفظي جنگ ) جا ماهر رهيا آهن پر جيڪڏهن ڪو ڀارتي بالر ائين ڪري ته اِهو واقعي حيران ڪندڙ آهي.
ايڊيليڊ ۾ جاري ڀارت ۽ آسٽريليا جي ٽيسٽ ميچ دوران به اهڙا منظر نظر آيا، پر هن واري بالر جسپريت بمرا نه محمد سراج هو.
ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن رڳو 180 رنسن تي آئوٽ ٿيندڙ ڀارتي ٽيم جون نظرون پنهنجي تيز بالرن تي کتل هيون جن پرٿ ٽيسٽ ۾ به شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي ڀارتي ٽيم فتح يقيني بڻائي هئي.
ميچ دوران فاسٽ بالر محمد سراج جيڪو عام طور تي 130 کان 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ڪندو هڪ اهڙو بال هلايو جنهن ڪرڪيٽ جي دنيا کي ڇرڪائي ڇڏيو.
ٽي وي اسڪرينز تي اسپيڊ گن ان بال جي رفتار 181 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ڏيکاري، بعد اِهو واضح ٿي ويو ته شعيب اختر جو رڪارڊ ناهي ٽٽو پر اِها هڪ ٽيڪنيڪي خرابي هئي.
پنڊي ايڪسپريس جي نالي سان مشهور شعيب اختر 2003ع واري ون ڊي عالمي ڪپ ۾ انگلينڊ خلاف 161.3 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بال هلائي اِهو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو.
خير اڃا ٽيڪنيڪي مسئلي تي بحث ٿي رهيو هو ته محمد سراج مارنس لبوشين ڏانهن ڪاوڙ ۾ بال اُڇلايو، سراج جي ڪاوڙ جو سبب اِهو هو ته هو پنهنجي رن اپ تان ڊوڙندو جڏهن ته امپائر جي ويجهو پهتو ته لبوشين پوئتي هٽي ويو، سراج کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هن بال وڪيٽن طرف وهائي ڪڍيو.
ان کانپوءِ ريپلي ۾ اِهو نظر آيو ته محمد سراج جي بال هلائڻ دوران هڪ همراهه اسٽينڊز ۾ بيئر پائپ کڻي وڃي رهيو آهي.
ڳالهه اتي به ختم نه ٿي، ٻئي ڏينهن جڏهن آسٽريلوي بيٽر ٽرويس هيڊ هڪ تيزي سينچري هڻي چڪو هو ۽ ميچ ۾ ڀارت جي پڪڙ ڪمزور ٿي چڪي هئي ته هو سراج جي بال تي بولڊ ٿي ويو.
آئوٽ ٿيڻ بعد جڏهن هيڊ واپس وڃڻ لڳو ته سراج کيس ڪاوڙ ۾ ڪجهه چيو، هيڊ کيس جواب ڏنو ۽ پوءِ سراج کيس پويلين وڃڻ جو اشارو ڏنو، هيڊ ان وقت تائين اٽڪل سئو جي اسٽرائيڪ ريٽ سان چئن ڇڪن ۽ سترنهن چوڪن جي مدد سان هڪ سئو چاليهه رنسن جي شاندار اننگز کيڏي چڪوهو.
پنهنجي اننگز دوران سراج خلاف هيڊ جارحاڻا اسٽروڪ کيڏيا هئا ۽ فاسٽ بالر هڪ موقعي تي سندس ڪئچ پڻ ڊراپ ڪيو هو.
سوشل ميڊيا تي کيس ” ڊي ايس پي “ سراج جو خطاب ڏنو پيو وڃي ۽ اڪثر ڀارتي واهپيدار کيس شاباشي ڏئي رهيا آهن، واضح رهي ته ڀارتي رياست تلنگانه ۾کيس اعزازي طور رياستي پوليس ۾ ڊي ايس پي جو عهدو ڏنو ويو هو.
جڏهن محمد سراج جي بالنگ جي رفتار 181.3 اسڪرين تي نظر آئي ته واهپيدار ان منظر جا اسڪرين شاٽ وٺي شيئر ڪرڻ لڳا.
هڪ واهپيدار لکيو ته ” ڊي ايس پي سراج هاڻي شعيب اختر کان به گوءِ کڻي ويو.“
ڪجهه واهپيدارن طرفان محمد سراج جي ٽرويس هيڊ کي آئوٽ ڪرڻ بعد مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ پسند نه آيو.
ادتيا ساها نالي وهپيدار لکيو ته ” محمد سراج جو اِهو رويو ڏاڍو پسند آيو پر مان سمجهان ٿو ته ڪجهه ماڻهن کي اِها ڳالهه به نه وڻي هوندي.
ان جي جواب ۾ راهل نالي صارف چيو ته ” هو 140 تي آئوٽ ٿيو هو 14 تي نه.“
هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته ” فاسٽ بالر طور اِهو ردعمل فطري هو ڇو ته سراج اڄ سٺي بالنگ نه ڪئي ۽ هيڊ جو ڪئچ به ڇڏيو هو.“
هڪ صارف محمد سراج کي مشورو ڏيندي لکيو ته” جارحاڻو رويو ڪئمرا بدران بالنگ ۾ ڏيکارڻ گهرجي.“
هڪ واهپيدار لکيو ته” اِهو جارحاڻو انداز ڏهاڪن جي تاريخ رکندڙ ڀارتي ٽيم جي فاسٽ بالرن ۾ ڪڏهن نظر ناهي آيو، پر هاڻي ڪوهليءَ کانپوءِ سراج به جارحاڻو انداز اپنايو آهي، هيءُ ته راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر جو شاگرد نڪتو.“
واضح رهي ته ماضيءَ ۾ شعيب اختر به محمد سراج جي بالنگ جي واکاڻ ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.