نارووال (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڪجهه ججن ۽ جرنيلن زالن ۽ ٻارن جي چوڻ تي عمران خان کي ايٽمي ملڪ جون چاٻيون ڏئي ڇڏيون، جنهن نفرت کي هٿي ڏني ۽ معيشت تباهه ڪري ڇڏي.
نارووال ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته عمران خان نه ڪڏهن يوسي هلائي نه صوبائي کاتو هلايو، کيس ايٽمي طاقت جون چاٻيون ڏنيون ويون، پي ٽي آءِ باني پاڪستان ۾ رڳو ٻه ڪم ڪيا، هڪ نفرت ۽ گارگند ۽ ٻيو پنهنجي نااهلي سان ملڪي معيشت جي تباهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ايجنڊا ملڪ کي تباهه ڪرڻ آهي، احتجاج ۽ ڌرڻن سان ملڪ جو نقصان ٿيندو آهي، اسان کي احتجاج ۽ ڌرڻن جي سياست کي دفن ڪرڻو پوندو، جيڪو زهر اڄ اسان پي رهيا آهيون، ان جي ذميوار موجوده حڪومت نه عمران خان آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان ڏکين فيصلن ذريعي ملڪ کي بحران مان ڪڍيو، اسان پنهنجي سياست تي رياست کي ترجيح ڏني، رياست نه رهي ته سياست ڪهڙي.
You might also like